قطر لاءِ بُڪ ڪيل ڪنٽينر مان بصرن ۾ لڪايل 3 مڻ کان وڌيڪ چرس برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سبزين ۽ ميون جي آڙ ۾ ٻاهرئين ملڪ منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، چرس کي وڏي مهارت سان بصرن جي ٻورين ۾ لڪايو ويو هو.
اي اين ايف ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي وڏي ڪارروائي ڪندي سبزين ۽ ميون جي آڙ ۾ ٻاهرئين ملڪ منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
دوحا لاءِ بڪ ڪيل ڪنٽينر مان 3 مڻ کان وڌيڪ چرس برآمد ڪيو ويو، تلاشي وٺڻ تي بصرن سان ڀريل ڪنٽينر ۾ لڪايل 125 ڪلو گرام چرس هٿ آيو.
چرس وڏي مهارت سان بصرن جي ٻورين ۾ لڪايو ويو هو، اي اين ايف ترجمان موجب ڪنٽينر ڪراچي جي نجي ڪمپني طرفان قطر لاءِ بڪ ڪيو ويو هو، منشيات قبضي ۾ وٺي ملوث جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.