بنگلاديشي ٽيم کي وڏو ڌڪ، ڪپتان انجري جو شڪار

گوهاٽي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، شڪيب الحسن کي پريڪٽس دوران فٽبال کيڏندي کُڙي ۾ ڌڪ لڳو جنهن سبب هن گذريل ڏينهن سريلنڪا خلاف پهرين پريڪٽس ميچ ۾ به حصو نه ورتو.

گذريل ڏينهن وارم اَپ ميچ ۾ شڪيب الحسن ٽاس وقت ميدان ۾ نه آيو ۽ ٻڌايو ويو ته سندس کُڙي ۾ سوڄ آهي ۽ کيس سخت تڪليف آهي.

رپورٽس موجب، انجري سبب شڪيب الحسن ٻي وارم اَپ ميچ به نه کيڏي سگهندو ۽ خدشو آهي ته عالمي ڪپ ۾ پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ افغانستان خلاف به شڪيب الحسن ايڪشن ۾ نظر نه ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.