”نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي قوم لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بحرانن جو حل رڳو نواز شريف آهي.
ن ليگ پنجاب جي ڊويزنل ۽ ضلعي عهديدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف جي ڏيهه واپسي ۽ سندس آجيان جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.
ان موقعي تي مريم نواز چيو ته عوام لاءِ مهانگائي ۽ ڳرن بلن مان ڇوٽڪاري جي ضمانت نواز شريف آهي، هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي قوم لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪندو.
هن چيو ته قوم جي اميد، تعمير ۽ ترقي جي تعبير نواز شريف آهي، هو هر واعدو پورو ڪندو، ملڪ جي روشن تقدير، نوجوانن جي روشن مستقبل ۽ ترقي جو ضامن آهي.
سندس چوڻ هو ته غريب کي رليف رڳو نواز شريف ڏئي سگهي ٿو، هو قوم کي متحد ڪندو ۽ ترقي جو ويزن ڏيندو، دهشتگردي جي خاتمي جي فيصلائتي جنگ جي قيادت نواز شريف ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.