خوبصورت ۽ بي داغ چهرو هر عورت جي پهرين ترجيح آهي، ۽ تقريبن هر عورت پنهنجي جلد جو خيال رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي.
جتي عورتون موهيڙن ۽ گھنجن کان پريشان رهنديون آهن، اتي چهري تي موجود غير ضروري وار به سندن خوبصورتي ۽ چمڪندڙ کَلَ ۾ خلل وجهندا آهن.
ماهرن موجب چهري تي غير ضروري وار عورتن ۾ هارمونز جي عدم توازن سبب چهري تي اچي ويندا آهن.
ان کانسواءِ اسٽيرائڊز جهڙين مخصوص قسمن جون دوائون به عورتن جي ان مسئلي جو سبب بڻجنديون آهن.
گھڻيون عورتون ان مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ چهري تي ٿريڊنگ ۽ مهانگن مهانگن ليزر ٽريٽمينٽس تي ڳري رقم خرچ ڪنديون آهن، پر پر ڪجهه گھريلو ٽوٽڪا نه رڳو اوهان جا پيسا پر اوهان جو گھڻو وقت به بچائيندا آهن.
کنڊ ۽ ليمي جي رس
چهري تان غير ضروري وارن کي هٽائڻ لاءِ اهو سڀ کان سولو ٽوٽڪو آهي. ان کي بڻائڻ لاءِ هڪ ساس پين ۾ اڌ ڪوپ پاڻي کڻو، ان ۾ ٻه چانهه جا چمچا کنڊ ۽ ليمي جا ڪجهه ڦڙا وجهو.
ان کي سٺي طريقي سان اٻاري وٺو، ٿڌو ڪرڻ کان پوءِ ان کي متاثر هنڌن تي 20 کان 25 منٽن تائين لڳايو ۽ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
ليمو ۽ ماکي
چيو ويندو آهي ته ماکي چهري جي کَلَ لاءِ هر طرح سان فائديمند آهي، ان فيس ماسڪ کي بڻائڻ لاءِ هڪ چانهه جو چمچو ماکي، ٻه کائڻ جا چمچا کنڊ ۽ ليمي جي رس جي ڪجهه ڦڙن کي سٺي طرح مڪس ڪريو.
ان کي تقريبن 5 منٽن لاءِ گرم ڪريو، هلڪو ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ ان مڪسچر سان پنهنجي چهري جي ويڪس ڪريو.
چانورن جو اٽو ۽ بيضي جي اڇاڻ
بيضي جي اڇاڻ چهري جي کَلَ تي جادوئي اثر وجهندي آهي، چانورن ۽ بيضي جي اڇاڻ جو اهو ماسڪ نه رڳو چهري جي غير ضروري وارن کي ختم ڪندو پر چهري کي چمڪندڙ به بڻائيندو.
ان لاءِ هڪ پيالي ۾ 2 چمچا بيضي جي اڇاڻ، هڪ کائڻ جو چمچو کنڊ ۽ اڌو چانهه جو چمچو چانورن جي اٽي کي سٺي طرح مڪس ڪريو.
هاڻي ان کي چهري جي متاثر هنڌن تي لڳايو، تقريبن 20 کان 30 منٽن کان پوءِ خشڪ ٿيڻ تي ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
ڪَڇُ ۽ ڪيلا
جَون جي ڪَڇُ چهري لاءِ هڪ قدرتي ايڪسفولينٽ جي خاصيت رکي ٿي، چهري تي موجود غير ضروري وارن کي هٽائڻ لاءِ هڪ ڪيلي کي ڇٿي ان ۾ ٻه چمچا جوَن جي ڪڇ وجهو.
ان کي سٺي طريقي سان مڪس ڪري وٺو، ان مڪسچر کي سرڪلر موشن ۾ چهري تي لڳايو، 15 منٽن تائين هوريان هوريان مساج ڪريو ۽ آخر ۾ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
پپيتي ۽ هيڊ جو مڪسچر
پپيتي ۾ موجود ”انزائم“ پاپين (papain) وارن جي فوليڪلز کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وارن جي واڌ ويجهه کي روڪڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.
ان مڪسچر کي بڻائڻ لاءِ پڪل پپيتي کي پيسي ان ۾ ٿورڙي پيٺل ٿيڊ وجهي مڪس ڪري وٺو، هاڻ ان مڪسچر سان 15 کان 20 منٽن تائين چهري تي مساج ڪريو ۽ پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.