ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ربيڪا خان سدائين تنقيد جو شڪار ٿيندي رهندي آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن هڪ ڀيرو وري ربيڪا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ربيڪا خان کي گھڻو ڪري شاهاڻي انداز ۾ سالگرهه ملهائڻ ۽ ساٿي ٽڪ ٽاڪرز جي شادي جي تقريبن ۾ مهانگن ڪپڙن جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.
گذريل ڏينهن ربيڪا خان 12 ربيع الاول جيموقعي تي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ هڪ نعت پڙهي، جنهن جي وڊيو هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي.
View this post on Instagram
سوشل ميڊيا واهپيدارن ربيڪا خان کي رئو پهرڻ جي طريقي تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ائين لڳي ٿو ته واهپيدارن کي ربيڪا جي ان انداز ۾ نعت پڙهڻ مناسب ناهي لڳو.