وڪرانت گپتا کي به پاڪستاني ٽيم ۾ خاميون نظر اچڻ لڳيون!

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) نامياري ڀارتي صحافي وڪرانت گُپتا ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم کي پيش خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تيارين جي شروعات نيوزيلينڊ خلاف وارم اَپ ميچ سان ڪئي هئي.

پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 346 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو ڪيويز بيٽرن 45 هين اوور ۾ ئي پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

نيوزيلينڊ خلاف شڪست کانپوءِ قومي ٽيم جي بالنگ اٽيڪ بابت مختلف سوال جنم وٺي رهيا آهن ۽ اڪثر پاڪستان ٽيم جي حق ۾ بيان ڏيندڙ ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وڪرانت گپتا لکيو ته پاڪستان کي اهڙي قسم جي فيلڊنگ، ڪيچنگ ۽ اسپن بالنگ سان سٺي ٽيمن خلاف ميچ کٽڻ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو.

هن چيو ته جڏهن مخالف ٽيم جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪندي آهي ته پاڪستان ٽيم دفاعي پوزيشن ۾ هلي ويندي آهي.

ڀارتي صحافي وڌيڪ لکيو ته پاڪستان ٽيم پنهنجي فاسٽ بالرن تي تمام گهڻو ڀاڙي رهي آهي خاص ڪري شروعاتي ڏهن اورن ( پاور پلي ) ۾ ، ٻي صورت ۾ هو پوئتي( بيڪ فٽ ) تي هليا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.