لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڀارت ۾ رٿيل مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ مداحن ۽ صحافين جي ويزائن واري معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) سان رابطو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان آءِ سي سي کي اي ميل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ سي سي پاڪستاني پرستارن ۽ صحافين کي ويزائون لاءِ ڏيارڻ لاءِ تحرڪ وٺي.
پي سي بي طرفان اي ميل ۾ قومي ٽيم جي مداحن ۽ صحافين جي ويزائن واري معاملي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
اي ميل ۾ آءِ سي سي کان پاڪستاني مداحن ۽ صحافين وارو معاملو جلد کان جلد حل ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جا مقابلا پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندا، پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميدان تي لهندو .