هراري (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ زمبابوي ۾ سون جي کاڻ ويهڻ سان 6 مزدور فوت ٿي ويا.
اختيارين موجب کاڻ مان 13 مزدور ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر 15 اڃا تائين دٻيل هجڻ جو خدشو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ملبي مان لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، في الحال نٿو ٻڌائي سگهجي ته حادثو ڪيئن پيش آيو.