” هي ورلڊ ڪپ بابر اعظم جو آهي“ وڏن وڏن ڪرڪيٽرن جي اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽرز قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ورلڊ اليون جي ٽاپ آرڊر ۾ شامل ڪري ورتو.

آسٽريلوي ڪرڪيٽرز طرفان ڀارتي ڪپتان روهت شرما، ڏکڻ آفريڪي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ويرات ڪوهلي سان گڏ بابر اعظم کي به ورلڊ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ چيو ته بابر اعظم ٻين ٽاپ بيٽرز مان عمر ۾ ننڍو آهي، هو ويرات ڪوهلي جي نقشِ قدم تي تيزيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ هو ڪوهلي کان ٿورو ئي پوئتي آهي.

آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا چيو ته بابر اعظم کي سٺي لينٿ تي بالنگ ڪندئو ته هو چوڪو هڻندو آهي، هو اسپنرز خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو.

ان کانسواءِ ڪينگروز جي مڊل آرڊر بيٽر مارنس لبيوشين چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي گهٽ بائونسي وڪيٽن تي بابر اعطم کي آئوٽ ڪرڻ ڏکيو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.