گوگل اهم ايپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

گوگل اسٽريمنگ ٻڌندڙ واهپيدارن کي يوٽيوب ميوزڪ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ 2024ع ۾ گوگل پوڊ ڪاسٽ ايپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اهو اعلان پوڊڪاسٽ پيشڪش وڌائڻ لاءِ گوگل جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي،هلندڙ سال جي شروعات ۾ گوگل آمريڪا ۾ يوٽيوب ميوزڪ کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن لاءِ چيو ويو هو ته سال جي آخر تائين ان کي عالمي سطح تي پکيڙيو ويندو.

گوگل جو چوڻ هو ته يوٽيوب ميوزڪ تي پوڊڪاسٽ تجربي جي ذريعي گوگل مستقبل ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ پوڊڪاسٽ واهپيدارن لاءِ آڊيو ۽ وڊيو خاصيتون بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.

واهپيدارن لاءِ منتقلي سولي بڻائڻ لاءِ گوگل مائگريشن ٽولز جي فراهم جو ارادو رکي ٿو پر فراهم ڪئي ويندڙ مائگريشن ٽولز ايندڙ ڪجهه مهينن ۽ هفتن ۾ تيار ڪئي ويندي.

واهپيدار پنهنجي يوٽيوب ميوزڪ لائبريري ۾ پوڊ ڪاسٽ آر ايس ايس فيڊز به شامل ڪري سگھن ٿا جن ۾ اهي شوز به شامل آهي جيڪي ان وقت يوٽيوب لاءِ نه ڪيا ويا.

واضح رهي ته گوگل طرفان 2018ع ۾ اها سروس اينڊرائڊ تي متعارف ڪرائيندي واهپيدارن کي مفت پوڊڪاسٽ لائبريري فراهم ڪئي وئي هئي، ٻن سالن کان پوءِ گوگل ان کي آءِ او ايس تي متعارف ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.