عالمي ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ شاداب کي وڏو جهٽڪو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جي پڦي لاڏاڻو ڪري وئي.

قومي ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت ۾ موجود آهي ۽ گذريل ڏينهن پهرين وارم اَپ ميچ نيوزيلينڊ خلاف کيڏي هئي جنهن ۾ ڪيويز شاهينن کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

پاڪستان آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مشن جي باظابطا شروعات ڇهه آڪٽوبر کان نيڌرلينڊز خلاف ميچ کان ڪندو ان کان اڳ ئي شاداب خان لاءِ هڪ انتهائي افسوسناڪ خبر سامهون آئي آهي.

قومي ٽيم جي نائب ڪپتان طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اطلاع مليا آهن پڦي لاڏاڻو ڪري وئي آهي، شاداب خان چاهيندڙن کان پڦي جي مغفرت لاءِ دعا جي درخواست ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.