اکيون اٿڻ جي وبا ڪيستائين جاري رهندي؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اکين جي مرضن ماهر پروفيسر معين چيو آهي ته اکيون اٿڻ جي وبا موسم جي تبديلي تائين برقرار رهندي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اکين جي مرضن جي ماهر پروفيسر مهين چيو آهي ته اکيون اٿڻ جو وائرس ميز، در جي هينڊلز ۽ ٻين سان چنبڙيل رهندو آهي.
پرفيسر معين ٻڌايو ته متاثر شخص ميڊيڪل اسٽور تان هٿرادو ڊراپس وٺي استعمال ڪري ۽ ڊراپس نه ملڻ جي صورت ۾ برف سان ٽاڪور ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اکيون اٿڻ جو وائرس 7 کان 10 ڏينهن تائين پنهنجو ڏيکاريندو آهي جڏهن ته اها وبا موسم جي تبديلي تائين برقرار رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.