سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف چالان خاص عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چالان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.

ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جو ٽرائل ڪري سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ايف آءِ اي جي جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ناهي جڏهن ته چالان ۾ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط شاهد آهي ۽ سندس 161 ۽ 164 جو بيان چالان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چالان موجب تحريڪ انصاف چيئرمين سائفر پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو.

چالان موجب، سائفر جي ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر واپس نه ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جي ٽرانسڪرپٽ کي ڳنڍيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ 28 شاهدن جا 161 جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد چالان سان لڳايا ويا آهن.

ايف آءِ اي 28 شاهدن جي لسٽ چالان سان گڏ سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي شاهدن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمزي ۽ سائفر پرڏيهي وزارت کان وٺي وزيراعظم تائين پهچائڻ ۾ سڄي چين شاهدن ۾ شامل آهي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي خط يا سائفر کي بنياد بڻائي پنهنجي حڪومت خلاف سازش جو بيانيو گهڙيو جنهن ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته سندس حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ هو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.