پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب ڊالر جي ڀيٽ ۾ رُپئي جو اگهه مضبوط ثين سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي سگهي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ به ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي، پر پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاروت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندي.

ان کان اڳ ڪجهه وفاقي وزيرن طرفان به ايندڙ مهيني کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، پر اوگرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ وارين خبرن کي افواهه قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.