سنڌ جي نگران وڏي وزير جو مفت تعليم جي حوالي سان وڏو قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير نجي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم جي قانون تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ترجمان موجب نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر تعليم کاتي جي سيڪريٽري جو ڌيان ”دي سنڌ رائيٽ آف چلڊرين فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ“ ڏانهن ڇڪايو ۽ چيو ته قانون تحت هر نجي اسڪول، تعليمي ادارو پنهنجي مجموعي ٻارن جي انگ مان 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪندو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو آهي ته اهو قانون 2013 کان لاڳو آهي پر اسڪول ايجوڪيشن ان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر قانون جي چيپٽر 4 سيڪشن 10 جي ٻن سيڪشنز اي ۽ بي کي ڪوڊ ڪندي چيو آهي ته انهن ٻنهي سيڪشنز موجب نجي اسڪول پهرئين درجي کان وٺي مٿين درجن تائين پنهنجي مجموعي داخلائن مان 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيندا، ان قانون جي سمورا پرائيويٽ اسڪول 2013 کان کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.
نگران وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان قانون تي هڪ هفتي اندر عمل ڪرائي رپورٽ پيش ڪيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪي تعليمي ادارا ان تي عمل نه ڪن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.