عورت سون جا بسڪيٽ اهڙي جاءِ تي لڪايا، تلاشي وٺڻ تي پوليس حيران

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ايئرپورٽ تي هڪ ڪلو وزني سون جي سرن جا ٽڪرا سمگل ڪندڙ عورت مسافر کي ڀارتي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو.

ڪوچي شهر ۾ ڪسٽم کاتي دبئي کان ايندڙ هڪ فلائيٽ جي هڪ عورت مسافر کي شڪ جي بنياد تي روڪيو ۽ تلاشي دوران سندس اندرين ڪپڙن (UnderGarments) مان سون جا 4 ٽڪرا مليا، جن جو هڪ ڪلوگرام وزن آهي.

قانون لاڳو ڪندڙن ادارن عورت کي کڻي ايندڙ 4 ڄڻن کي به حراست ۾ ورتو .

اهو اڃا واضح ناهي ته سون ڪهڙي معيار جو آهي ۽ ان جي قيمت ڪيتري هوندي.

ساڳئي ايئرپورٽ تي شارجه کان ايندڙ مسافر جي ڪپڙن مان به 500 گرام سون هٿ ڪيو ويو.

ڄاڻايل مسافر کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو ٻنهي واقعن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪن جو وقفو آهي.

هڪ ئي ايئرپورٽ تي هڪ ئي ڏينهن ساڳئي طريقي سان سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن مسافرن جي گرفتاري جو هي پهريون ڪيس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.