حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته ڀارتي ڪنڊيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اسان فيلڊنگ سڌارڻي پوندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان محمد رضوان جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن چيو ته وارم اَپ ميچ جو مقصد ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ هوندو آهي.
هن چيوته پاڪستان پريڪٽس ميچ ۾ تجربا ڪيا آهن، تجربن مان سٺيون شيون به مليون ۽ ڪٿي ڪوتاهي ڪئي يا ڪهڙين غلطين تي ڪم ڪرڻ گهرجي ان بابت پڻ پتو پيو.
هن چيو ته اسان کي پنهنجي فيلڊنگ سڌارڻي پوندي، ڀارتي ڪنڊيشن کي سمجهڻ ڪوشش ڪئي آهي پِچ ڏسڻ کانپوءِ آئون ۽ ڪپتان صورتحال پٽاندڙ کيڏندا آهيون، نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ پِچ بهترين هئي ۽ رنسون ٺهي رهيون هيون.
رضوان جو چوڻ هو ته سينچري ڪٿي ٺهي خوشي ۽ اعتماد ملندو آهي، ڀارت ۾ وري ڪڏهن کيڏڻ جو موقعو ملي يا نه انڪري ڀارتي سرزمين تي سينچري جو احساس الڳ هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت اچڻ کان اڳ ٻڏتر جو شڪار هئاسين پر جنهن نموني ڀارت ۾ پاڪستان ٽيم جي آجيان ڪئي وئي ائين لڳو اسان ڪراچي يا لاهور ۾ آهيون.
هن چيو ته حيدرآباد هوائي اڏي آيل مداحن جنهن انداز ۾ نعريبازي ڪئي اِهو هڪ الڳ احساس هو، جئين اسان جو عوام پيار ڪندو آهي، ڀارتي عوام به پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي چاهيندو آهي، ڀارت ۾ مليل پيار ۽ مان سدائين ياد رهندو.