هوٽل جو اڌ بل نه ڀرڻ تان نوجوان گرل فرينڊ خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي شهر ماسڪو ۾ هڪ شهري گرل فرينڊ جي خلاف ڪارروائي لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي پوليس اهڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهي جيڪا بواءِ فرينڊ جي چوڻ جي باوجود ريسٽورينٽ جو اڌ بل ڏيڻ کانسواءِ واپس هلئي وئي، ان کان پوءِ بواءِ فرينڊ کي هڪ مهانگي کاڌي جو بل اڪيلي ئي ادا ڪرڻو پيو.
28 ورهين جي روسي شخص پنهنجي گرل فرينڊ خلاف شڪايت لاءِ ٿاڻي تي پهتو جتي نوجوان ٻڌايو ته هو جنهن ڇوڪري کي ڊيٽ تي وٺي ويو هو، کائڻ کان پوءِ ان ڇوڪريءَ بل شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇوڪريءَ جي ريسٽورينٽ مان وڃڻ کان پوءِ نوجوان کي 165 ڊالرز جي کاڌي جو بل اڪيلي ئي ادا ڪرڻو پيو.
نوجوان پوليس کي ٻڌايو ته ڇوڪريءَ سان هن جي ملاقات ڪجهه هفتا اڳ آن لائين ٿي هئي هڪ ٻئي کي سمجهڻ کان پوءِ ٻنهي ڊيٽ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، سڀ ڪجهه صحيح هلي رهيو هو پر جڏهن ويٽر بل کڻي آيو ته پنهنجي گرل فرينڊ کي هن بل شيئر ڪرڻ جو چيو جنهن تي هن جي گرل فرينڊ انڪار ڪندي چيو ته گھڻو کاڌو تون آرڊر ڪيو بل وري مان ڏيان بحث جي ڪجهه منٽن کان پوءِ ڇوڪري اٿي ڪيفي مان هلي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.