ڪريلو ڀاڄين ۾ سڀني کان مختلف ۽ ڪڙي ذائقي واري ڀاڄي آهي، پر ڪريلو مختلف بيمارين خاص طور تي شُگر کان بچائڻ جي لاءِ تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ ڀاڄي آهي.
پاڪستان زرعي يونيورسٽي جي ماهرن ڪريلي تي تحقيق ڪئي، جنهن ۾ نتيجو حاصل ٿيو ته شُگر جا مريض جيترو وڌيڪ ڪريلو کائيندا ۽ جهڙي ريت به هن کي استعمال ڪندا، اوترو وڌيڪ فائدو ٿيندو.