ڪهڙن ماڻهن ۾ ڪينسر جو خطرو سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي؟

جيڪڏهن ڪو فرد ڪينسر کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ان مان مڪمل صحتيابي جو امڪان ته هوندو آهي پر ان صورت ۾ جيڪڏهن ان جي سڃاڻپ جلد ٿي وڃي، جڏهن ته بيماري جو علاج گھڻو تڪليف ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو.

پر هيل تائين طبي ماهرن اهو ناهن ڄاڻي سگھيا ته ڪهڙي فرد ۾ ڪينسر جو خطرو سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي.

پر ڪينسر جو خطرو وڌائيندڙ ڪجهه عنصر جي ضرور نشاندهي ٿي چڪي آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ڪهڙي فرد ۾ ان بيماري جو خطرو وڌيڪ آهي.

ان حوالي سان هيل تائين جيڪو ڪجهه سائنسدان ڄاڻي چڪا آهن اهي تفصيل هيٺ بيان ڪجن ٿا.

عمر

عمر ۾ اضافو ڪينسر جو خطرو وڌائيندڙ سڀ کان وڏو عنصر تصور ڪيو ويندو آهي.

حقيقت ۾ عمر کي ڪينسر جي مختلف قسمن سان سلهاڙيو ويندو آهي ۽ ڪينسر جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو مريضن جي سراسري عمر 66 سال هوندي آهي.

پر اهو واضح رهي ته ڪينسر کي ڪنهن به عمر منهن ڏئي سگھجي ٿو پر پوءِ به عمر ۾ اضافي کي ان بيماري جو خطرو وڌائيندڙ عنصر سڀ کان وڏو عنصر تصور ڪيو ويندو آهي.

پراڻي سوڄ

سوڄ اسان جي جسم جو هڪ عام ردعمل هوندو آهي جيڪو مختلف ٽشوز جي انجري تي سرگرم ٿيندو آهي.

سوڄ سبب اهڙا ڪيميڪلز خارج ٿيندا آهن جيڪي متاثر ٽشوز تائين پهچندا آهن ۽ رت جا اڇا جزا اهڙو مواد تيار ڪندا آهن جيڪي سيلز جي واڌ ويجهه ۽ ورهاڱي جو ڪم ڪندا آهن، جن جي ڪري زخم ٺيڪ ڪرڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

جڏهن متاثر حصو ٺيڪ ٿي وڃي ته اهو عمل بيهجي ويندو آهي.

پر پراڻي سوڄ دوران اهو عمل هر وقت جاري رهندو آهي ان جي نتيجي ۾ مدافعتي نظام گھڻو متحرڪ ٿي ويندو آهي جنهن سان ڊي اين اي کي نقصان پهچندو آهي ۽ ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.

غذائي عادتون

مختلف تحقيقي رپورٽس ۾ غذائي عادتون ۽ ڪينسر جي خطري ۾ اضافي يا گھٽتائي وچ ۾ واسطي جو جائزو ورتو ويو آهي.

ان حوالي سان اڃا ٺوس طور تي ته ثابت ناهي ٿي سگھيو ته ڪهڙِ خوراڪ ڪينسر جو شڪار يا ان کان تحفظ فراهم ڪري سگھي ٿي پر اها خبر ضرور آهي ته الٽرا پراسيس خوراڪ جو استعمال امڪاني طور تي ڪينسر جو خطرو وڌائيندو آهي.

الٽرا پراسيس خوراڪ ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ فوڊز، مٺايون، ٽافيون، ڪيڪ، چهريون شيون، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا وغيرا شامل آهن.

اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته موجودا دور ۾ اهڙي خوراڪ جو استعمال تمام گھڻو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڳاڙهي گوشت جي گھڻي استعمال کي به ڪينسر سان سلهاڙيو ويندو آهي.

الڪوحل

الڪوحل جي استعمال سان وات، نڙي،خوراڪ جي نالي، جيري ۽ بريسٽ ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.

ان جو جيترو وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو، ڪينسر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ايترو وڌيڪ وڌي ويندو.

ٿولهه

جسماني وزن ۾ اضافي سان ڪينسر جي مختلف قسمنجو خطرو وڌي ويندو آهي.

ڪينسر جي انهن قسمن ۾ بريسٽ ڪينسر، آنڊن، خوراڪ جي نالي، بُڪين، لبلبي ۽ٻيا قسم شامل آهن.

اهو ئي سبب آهي جو طبي ماهرن طرفان جسماني وزن کي صحتمند سطح تي رکڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي ته جيئن ڪينسر سميت دل جي مرضن، شگر ٽائيپ ٽو ۽ هاءِ بلڊ پريشر کان تحفظ ملي سگھي.

هارمونز

هارمونز به ڪينسر جو خطرو وڌائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

ايسٽروجن اهو هارمون آهي جنهن جو مقدار عورتن ۾ تمام گھڻو هوندو آهي۽ ان جو توازن بگڙجڻ سان بريسٽ ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.

ڪمزور مدافعتي نظام

مختلف ماڻهن جو مدافعتي نظام مختلف مرضن سبب ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ ڪمزور مدافتعي نظام سبب جسم لاءِ ڪينسر سان وڙهڻ ڏکيو هوندو آهي.

تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمزور مدافعتي نظام سان ڪينسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

مخصوص مرض

مخصوص مرضن سان به ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.

وائرسز، بيڪٽيريا ۽ پيرا سائيٽس سبب ٿيندڙ بيماريون جهڙوڪ هيپاٽائٽس بي، سي، ايڇ آءِ وي، ايڇ پي وي، Epstein-Barr virsu ۽ Helicobacter pylori وغيره سان ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.

سج جي روشني

سج جي روشني ۾ گھڻو گھمڻ سان به ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي، خاص طور تي کَلَ جي ڪينسر جو.

هر عمر جي ماڻهن ۾ اهو خطرو موجود هوندو آهي ۽ سج جي روشني ۾ گھٽ ۾ گھٽ وقت گذاري ان خطري کي گھٽائي سگھجي ٿو.

سگريٽ ڇڪڻ

سگريٽ ڇڪڻ سان به ڪينسر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌندو آهي.

تماڪ ۾ موجود لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ڪيميڪلز ڪينسر جو سبب بڻجي سگھن ٿا ۽ سگريٽ ڇڪڻ سان رڳو ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو ناهي وڌندو، پر ان عادت کي ڪينسر جي 12 ٻين قسمن جن ۾ مثاني، معدي، وات، ڳلي ۽ بُڪين جي ڪينسر به شامل آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن جي ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشهورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.