آمريڪا پاڪستان ۾ رجيم چئينج جي حمايت نٿو ڪري: ميٿيو ملر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا هڪ ڀيرو وري واضح ڪيو آهي هو پاڪستان ۾ رجيم چئينج جي حمايت نٿو ڪري.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان رجيم چئينج جي حمايت نٿا ڪيون ۽ اسان اِهو لک دفعا چئي چڪا آهيون.

ميٿيو ملر چيو ته نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا اسان پاڪستان ۾ ان تبديلي جي حوالي سان ڳالهائي چڪا آهيون.

پاڪستان ۾ چونڊن بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ چونڊيون ٿيڻ واريون آهن اسان ان معاملي ۾ ڪائي پوزيشن ناهيون وٺندا اسان جي پاليسي واضح آهي.

هن چيو ته اسان آزاد ۽ شفاف چونڊن جي حڪاميت ڪيون ٿا، ان معاملي تيم هڪ طرفو يا ڪنهن ٻئي جي ڌر نه بڻجنداسين.

ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته اسان ڪيئي ڀيرا واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان اسان جو اهم ڀائيوار آهي، اسان ڪيئي مسئلن تي گڏجي ڪم ڪندا آهيون، ان معاملي ۾نه ڪا تبديلي آئي آهي نه ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.