پاڪستاني بيٽرن خلاف بالنگ ڪندڙ 6 فٽ 9 انچ ڊگهو فاسٽ بالر نگاهن جو مرڪز

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پريڪٽس سيشن ۾ حيدرآباد دکن جي 6 فٽ 9 انچ ڊگهي قد وارو فاسٽ بالر به شرڪت ڪئي.

نوجوان فاسٽ بالر نشانٿ سارانو پاڪستان جي پريڪٽس سيشن ۾ نيٽ بالر بڻجڻ تي مشهور ٿي ويو، پاڪستان جي فاسٽ بالرن سان گڏ ٽريننگ ڪرڻ ۽ پاڪستاني بيٽرز کي بالنگ ڪرائڻ تي نشانٿ سارانو ڀارتي ميڊيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.

نشانٿ سارانو حيدرآباد جو انڊر 19 بالر آهي جنهن پاڪستاني ڪئمپ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، نيٽ سيشن لاءِ ڪيئي فاسٽ بالرز موجود هئا، پر پاڪستاني بالنگ ڪوچ مورني مورڪل نشانٿ سارانو جي چونڊ ڪئي.

نشانٿ سارانو کي شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جيان 140 کان 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرائڻ لاءِ اسپيڊ وڌائڻ جو چيو ويو ۽ هن فخر زمان سميت پاڪستاني ٽيل ايندرز خلاف بالنگ ڪئي.

نوجوان فاسٽ بالر نشانٿ جو چوڻ هو ته هو هن وقت 125 کان 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪري رهيو آهي، مورني مورڪل رفتار وڌائڻ جي صلاح ڏني آهي.

نوجوان فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ٽيم اڃا حيدرآباد ۾ آهي، هو ايندڙ سيشن ۾ به پاڪستاني بيٽرن خلاف بالنگ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.