مستونگ: عيد ميلادالنبي صه جي جلوس ڀرسان آپهگاتي ڌماڪو، 52 شهيد، ڪيترائي زخمي

مستونگ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ عيد ملادالنبي جي جلوس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 52 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

مستونگ ۾ الفلاح روڊ تي مدينه مسجد ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سٽي نواز گشڪوري سميت 52 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع ملڻ بعد امدادي ٽيمون، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بلوچستان جي سڌ سماءُ واري صوبائي وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته امدادي ٽيمن کي مستونگ روانو ڪيو ويو آهي.

صوبائي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪندي ٻڌايو ته ڪيترن کي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب مستونگ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، انکانسواءِ شهرين کان ڌماڪي جي زخمين لاءِ رت عطيو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڈاکٹر سعید میروانی نے کہا کہ نواب غوث بخش رئیسانی میموریل ہسپتال میں زخمیوں کو طبی امداد فراہم کی جا رہی ہے—فوٹو: رائٹرز

صدر، وزيرِ اعظم ۽ ٻين جي ڌامڪي جي سخت مذمت

صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪر ۽ گهرو وزير سرفراز بگٽي سميت ٻين سياستدانن به مستونگ ۾ ٿيل آپگهقاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي هي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ۽ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جو عوام بهادر آهي بزدلاڻا حملا کين هيسائي نٿا سگهن، بلوچستان واسين هميشه امن دشمن عنصرن کي پنهنجي جذبي سان شڪست ڏني آهي.

سرفراز بگٽي چيو ته واقعي ۾ شهيدن ٿيندڙن جي گهرڀاتين جو غم، رياست جو غم آهي، بيگناهن جي رت سان رنڱيل هٿن کي ڪٽيو ويندو.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر مستونگ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بيگناهه انسانن جو رت وهائيندڙ انسانيت جا دشمن آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم انسانن جو قتل سنگين دهشتگردي آهي، ڌماڪي جي جوابدارن ۽ رٿابندي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

ان کانسواءِ ن ليگ صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي به ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.