هنگو ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخوا جي شهر هنگو ۾ ٿاڻي ۽ مسجد ۾ جمعي نماز دوران ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ڊي پي او هنگو نثار احمد موجب، دوابا ٿاڻي تي ٻه آپگهاتي حملا ٿيا، هڪ ڌماڪو ٿاڻي جي گيٽ وٽ ٿيو جڏهن ته ٻيو آپگهاتي ڌماڪو ٿاڻي جي اندر مسجد ۾ ٿيو .
پوليس موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ مسجد جي ڇت ڪِرڻ سبب ٽن ڄڻن ملبي هيٺان دٻجي دم ڏنو ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي جڏهن ته 12 زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
خيبر پخنتونخوا جي نگران وڏي وزير اعظم خان هنگو ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نگران وڏي وزير امدادي ٽيمن ۽ ضلعي انتظاميا کي امدادي سرگرمين جي نگراني جي هدايت ڪندي چيو ته هنگو جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون وڃن.