ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر ماڙي جلباڻي ۾ 5 ڄڻا مارجي وڃڻ واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي ۾ ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي کي 4 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نگران وڏي وزير پاران 5 ڳوٺاڻن جي مارجي وڃڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مقبول باقر کارادر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪميٽي جوڙي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چئن ڏينهن اندر رپورٽ اچي ويندي.