ڪراچي( رپورٽر) سنڌ سميت دنيا ۾ اڄ نبي ڪريم حضرت محمد صه جو جنم ڏينهن عيد ميلادالنبي ملهايو پيو وڃي.
مسجدن ۽ رستن تي چراغان ڪيو ويو آهي. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ميلاد جا جلوس ڪڍيا ويندا.
صلواتن جون محفلون جاري آهن. مختلف شهرن ۾ ڪيڪ به ڪاٽيا ويندا، سبيلون به ورهايون ويون آهن.
اڄ مختلف ڪانفرنسن ۾ نبي ڪريم حضرت محمد صه جي سيرت مبارڪ تي عقيدت جي روشني وڌي ويندي .