ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي سفاري پارڪ ۾ شينهن حملو ڪري زو ڪيپر کي ماري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو جاپان جي توهوڪو سفاري پارڪ جي هڪ زو ڪيپر سان پيش آيو جتي زو ڪيپر شينهن کي پڃري ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هو حياتي وڃائي ويٺو.
پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 53 ورهين ڪينيچي ڪاٽو کي شينهن پڃري ۾ وجهڻ دوران ڪنڌ کان پڪڙيو جنهن سبب هو رتو رت ٿي ويو ۽ مئل حالت ۾ پڃري ۾ پيل رهيو.
پوليس موجب پارڪ اختيارين ٻڌايو ته زو ڪيپر کاڌي ذريعي شينهن کي پڃري ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر اهو در بند نه ڪيو جنهن سان هو شينهن کان محفوظ رهي ها.
اختيارين ٻڌايو ته شينهن کي کاڌو کارائڻ جو صحيح طريقيڪار اهو آهي ته در کولي کاڌو رکيو وڃي ته در بند ڪيو وڃي پر بدقسمتي سان در کليل رهجي ۽ زو ڪيپر شينهن جي حملي جو شڪار ٿي ويو.
You might also like