ڇا اوهان پلاسٽڪ جي آئيس ڪريم کائڻ پسند ڪندئو؟

ڏسڻ ۾ ته اها عام آئيس ڪريم نظر اچي ٿي پر اها گھڻي خاص آهي ڇو جو ان کي پلاسٽڪ جي گند مان تيار ڪيو ويو آهي.
جي ها واقعي برطانيا سان واسطو رکندڙ هڪ آرٽسٽ ۽ ڊزائينر Eleonora Ortolani پلاسٽڪ کي آئيس ڪريم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اڃا ان آئيس ڪريم جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته جنهن کان پوءِ ان کي عام ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
پر ان کان اڳ آرٽسٽ ان آئيس ڪريم کي هڪ نمائش ۾ پيش ڪيو ته جيئن خوراڪ ۽ پلاسٽڪ جي حوالي سان ماڻهن جي سوچ تبديل ٿي سگھي.
هن ان آئيس ڪريم جو نالو Guilty Flavors رکيو آهي.
هن جو چوڻ هو ته ”منهنجون مڃڻ آهي ته اها پلاسٽڪ جي ڪچري مان تيارڪيل دنيا جي پهرين آئيس ڪريم آهي“.
هن ٻڌايو ته اها اهڙي پلاسٽڪ مان تيار ڪئيوئي آهي جيڪا اسان بوتلن ۾ ڏسندا آهيون ۽ ان جي تياري لاءِ پلاسٽڪ کي هضم ڪندڙ بيڪٽيريا جي مدد ورتي وئي آهي.
ان مقصد لاءِ هن بيڪٽيريا ۽ Enzymes کي استعمال ڪري بوتلن ۽ فوڊ ڪنٽينرز لاءِ استعمال ٿيندڙ پلاسٽجڪ کي Vanillin نالي ماليڪيول ۾ تبديل ڪيو، جنهن سان ونيلا فليور آئيس ڪريم تيار ٿي وئي.
ايڊنبرگ يونيورسٽي جي هڪ ماهر ڊاڪٽر جوانا سيڊلر ان مقصدلاءِ بيڪٽيريا آرٽسٽ کي فراهم ڪيا هئا ۽ سندس چوڻ هو ته ان طريقيڪار کي ٻين فليورز جي آئيس ڪريم جي تياري لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هن چيو ته ان تحقيق تي کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو پر اسان ان طريقيڪار سان پلاسٽڪ کي آئيس ڪريم سوڌو مختلف شين ۾ تبديل ڪري سگھون ٿا.
پر هن واضح ڪيو ته اها آئيس ڪريم جلد عام ماڻهن لاءِ دستياب نه هوندي.
هن ٻڌايو ته ”ماڻهو چئي رهيا آهن ته پلاسٽڪ کائڻ لاءِ هنن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهيان، پر اهو خيال غلط آهي ڇو جو اڃا ان آئيس ڪريم جي محفوظ هجڻ جي جاچ ڪئي ويندي ۽ ان کان پوءِ ئي ان کي عام ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
پر Eleonora Ortolani کي اميد آهي ته ان پراجيڪٽ سان پلاسٽڪ جي گدلاڻ بابت بحث اڳتي وڌندو.
هن ٻڌايو ته جڏهن آئون ان پراجيڪٽ کي شروع ڪيو هو ته اهو سائنس فڪشن خيال لڳندو هو ۽ آئون به ڏسڻ چاهيان پئي ته ائين ممڪن آهي يا نه، پر ان سفر دوران اهو واضح ٿيو ته ڪجهه بيڪٽيريا پلاسٽڪ کائي سگھن ٿا ۽ ان کي غذا ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.