”غير قانوني ڪاروبار خلاف ڪارروائي سان نقصان ختم ٿيندا: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غير قانوني ڪاروباري سرگرمين خلاف ڪارروائي سان پاڪستان کي معاشي نقصانن کان ڇوٽڪارو ملندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ صوبائي ايپڪس  ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. جنرل عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) چيف آف آرمي اسٽاف لاهور جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي به شريڪ هو.اجلاس دوران آرمي چيف کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، بجلي، گئس چوري، ذخيري اندوزي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي آرمي چيف زور ڏنو ته غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا گڏجي ڀرپور قوت سان ڪارروائيون جاري رکن، غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مختلف طريقن سان ٿيندڙ معاشي نقصانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.