حيدرآباد(پ ر) مرڪزي صدر سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ جي علائقي ماڙي جلباڻي ۾ بيگناھ سنڌي ماڻھن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي سنڌ ھاري ڪاميٽي شھيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جي شريڪ آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ھن واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.