ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف 9 مئي واقعي ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي چالان 2 آڪٽوبر تي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي واقعن ۾ گرفتار پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ کي جيل اختيارين پاران پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جاچ آفيسر ڪيس جو ضمني چالان داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي، عدالت جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏيندي جاچ آفيسر کي هر صورت ۾ 2 آڪٽوبر تائين چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.