سنڌ اسيمبلي جون 80 کان وڌيڪ گاڏيون غيرقانوني استعمال انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جون 80 کان وڌيڪ گاڏيون پيٽرول سوڌو غيرقانوني طور استعمال ٿي رهيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ اهي گاڏيون استعمال ٿي سگهن ٿيون، سنڌ اسيمبلي جي 19هين گريڊ جي آفيسر چيف اليڪشن ڪمشنر، گورنر، نيب چيئرمين ۽ نگران وڏي وزير ڏانهن ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي وٽ 120 گاڏيون آهن جن مان 42 گاڏيون مختلف ملازم استعمال ڪري رهيا آهن، سنڌ اسيمبلي جون 42 گاڏيون اهي ملازم استعمال ڪن پيا جن کي الاٽ نٿيون ٿي سگهن، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رولز موجب اسپيڪر کي سنڌ اسيمبلي جون 2 گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، جڏهن ته اسيمبلي جون 22 گاڏيون اسپيڪر جي استعمال هيٺ آهن جيڪو غيرقانوني آهي، نوٽيس موجب ڊپٽي اسپيڪر کي 2 گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي، ان جي استعمال هيٺ 3 گاڏيون، چيئرمين قائمه ڪميٽي وٽ به 9 گاڏيون آهن جيڪي واپس ناهن ڪيون ويون، نوٽيس ۾ چيو ويو ته اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي ايم پي ايز 11 سرڪاري گاڏيون استعمال ڪن پيا، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جون 5 گاڏيون ڦريون ويون جن جو پتو ناهي پئجي سگهيو، سنڌ اسيمبلي جون 5 گاڏيون اهڙيون آهن جن جي اڃا تائين نيلامي ناهي ٿي ۽ اسيمبلي جون 24 گاڏيون گم آهن جن جي ايف آءِ آر داخل ناهي ڪرائي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.