سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورن گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئيچ ٻه ڀائرن سميت 10گم ٿيل ماڻهن جي  درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار ماءُ پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجا ٻه پٽ معاذ ۽ طلحه  2014۾ گم ٿي ويا هئا هن مهل تائين انهن جي ڪا به خبر ناهي، عدالت سخت ڪاڙو جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت گم ٿيل شهرين يوسف، واجد، اعجاز، رمشا، رفيق عمرفاروق، فيض محمد ۽ ٻين کي فوري  آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مني لانڊرنگ ڪيس، شوروم مالڪ خلاف ڪارروائي، 4 گاڏيون ضبط

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪار شوروم مالڪ کان وڌيڪ جاچ جاري، ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سر ٽيم ٽريڊ بيس مني لانڊرنگ  ڪيس ۾ هڪ شورو مالڪ خلاف ڪاروائي ڪندي عمل ڪندي 4 گاڏيون ضبط ڪيون ويون، ايف آءِ اي جي پاران ڪار شوروم مالڪن خلاف جاچ جاري آهي، ڪراچي ۾ ٽريڊ بيس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ شوروم جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ڪاروائي دوران خالدبن وليڊ روڊ تي شوروم جون 4 گاڏيون  ضبط ڪيون ويون ، ضبط ٿيل واري گاڏين ۾ لينڊ ڪروزر، اوڊي ۽ ٽويوٽا شامل آهن، ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 17 شورومز کي نوٽس جاري ڪيا ويا آهن، نوٽس ڪلفٽن، شاھراھ قائدين ۽ خالد بن وليد روڊ تي قائم شوروم کي ڏنا ويا آهن ، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته دستاويز پيش نه ڪرڻ وارن شوروم مالڪن جي  خلاف ڪاروائي جاري رهندي.

سياري کان اڳ ئي گئس کوٽ، عالمي ڪمپنين کان واڪ طلب

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ سياري کان اڳ ئي گئس کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو. حڪومت ملڪ ۾ گئس کوٽ جي خاتمي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڊسمبر ۾ ايل اين جي سپلاءِ لاءِ عالمي ڪمپنين کان ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن. حڪومت ڊسمبر ۾ ٻن ايل اين جي ڪارگوز لاءِ ٻوليون طلب ڪيون آهن ۽ 4 آڪٽوبر تائين وصولي کانپوءِ ان ڏينهن ئي بڊز کوليون وينديون. گذريل سال عالمي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان کي ايل اين جي ڪارگوز حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون هيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال عالمي سطح تي گئس جا اگهه گهٽ آهن پر سياري ۾ سڄي دنيا ۾ گئس جو استعمال وڌڻ سبب اگهن تي اثر پوندو آهي.

گلستان جوهر جي رهواسين جي اميد جي گهنٽي تي اچي شڪايت

ڪراچي (رپورٽر) شمائل گارڊن گلستان جوهر بلاڪ 19 جي رهواسين پاران پنجن ڏينهن کان بجلي بندش خلاف گورنر هائوس  ٻاهران اميد جي گهنٽي تي اچي گورنر سنڌ کي شڪايت ڪئي، علائقي واسين جو چوڻ هو ته گرمي جي موسم ۾ بجلي بند ٿيڻ سان ٻڍڙا ۽ اسڪول جا ٻار وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، سنڌ جي گورنر علائقي واسين جي شڪايت تي ڪي اليڪٽرڪ کي جلد کان جلد بجلي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ جي گورنر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بجلي جو بل نه ڏنو آهي، اهو سمجهه ۾ اچي ٿو، ڪامران خان ٽيسوري چيو ته هر مهيني بل ادا ڪرڻ وارن جي بجلي بند ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪي اليڪٽرڪ هن مسئلي کي فوري طور حل ڪري

سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ميمبر طرفان ايڌي وليج جو دورو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جوڊيشل ميمبر  (ايف) ارشد نور خان پنهنجي  ٽيم سان گڏ سپر هاءِ وي تي موجود ايڌي وليج جو دورو ڪيو، جتي  ايڌي وليج جي انچارج محمد رمضان،  ريحانه انچارج چائلڊ هومز ايڌي وليج، ڊاڪٽر ڪمال عثماني ۽ اسسٽنٽ مئنيجر (سبميشن) شاھد بٽ ايڌي وليج ۾ موجود ٻارن، ان لاءِ انتظامي معاملا درپيش مسئلن، بجليءَ جي سپلائي نه ٿيڻ سبب درپيش مشڪلاتن ۽ وبائي بيمارين جي روڪڻ لاءِ لڪيل ڪوششن بابت کيس آگاھ ڪيو ويو، ٻئي پاسي ٻارن لاءِ مختلف وارڊز، ڪچن، اسڪول ۽ ٻين سيڪشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جتي چمڙي جي بيمارين جي مريضن لاءِ فوري طبي امدادي هدايتون جاري ڪيون ويون.

ناٿا خان پل ويجهو مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار لياري گينگوار جو ٽارگيٽ ڪلر نڪتو

ڪراچي (رپورٽر ) ناٿان خان پل جي هيٺان پوليس  سان مقابلي دوران مارجي ويل ايراني بلوچ لياري گينگ وار جو شوٽر نڪتو آهي، ايس ايس  پي ايسٽ عرفان جو چوڻ آهي ته نوروز گينگ وار جو اهم ڪارندو آهي، مارجي ويل گروپ جو تعلق جميل ڇانگا سان آهي، جوابدار، قتل، منشيات فروشي ۽ ڀتاخوري ۽ مختلف ڏوهن جي وارداتن ۾ ملوث هو، هن انور پٺاڻ ۽ طاهر جدگال کي به قتل ڪيو، سولجر بازار ۾  زير تعمير عمارت جي چوڪيدار کي پڻ قتل ڪيو هو ايسٽ پوليس جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ منظر عام تي آڻي ڇڏيو.

ڀارتي فوج جو ميجر ۽ زال ملازم نينگري تي تشدد الزام ۾ گرفتار

 

گواٽي (اي پي پي ) ڀارتي رياست هما چل پرديش ۾  فوج جي هڪ ميجر ۽ سندس زال هڪ نابالغ ڇوڪري کي شديد جسماني تشدد جو نشانو بڻايو . ڇوڪري ميجر جي گهر ملازمه طورتي ڪم ڪري رهي هئي . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ميجر شيليندر يادو ۽ سندس زال ڪمي ريلسن رياست جي شهر پالم پور ۾ پنهنجي گهر ۾ نابالغ ڇوڪري کي بي لباس ڪرڻ بعد ان تي گرم پاڻي اڇلائي ڇڏيو ميجر شيليندر ريادو ۽ ڪمي ريلسن کي گرفتار ڪري جوڊيشنل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کيس عدالتي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو . متاثر ٻارڙي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.