اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين سياسي جماعت جي ضرورت آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو،مستقبل جي تعين لاءِ رخ درست ڪرڻ ضروري آهي، رخ درست ڪرڻ موجوده جماعتن جي وس جي ڳالهه ناهي، هن چيو ته مان اڄ به ن ليگ ۾ آهيان پر نئين جماعت ملڪ جي ضرورت آهي، نوازشريف سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته اسان جي پارٽي صحيح رخ ۾ نه پئي وڃي، مفتاح اسماعيل چيو ته 25 سالن ۾ پاڪستان جي حڪمراني بدترين ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۾ رڳو ڪرپشن نه ٻيا به کوڙ مسئلا آهن، اسان پٺتي ۽ دنيا اڳتي وڃي رهي آهي، تبديلي آڻڻي پوندي، موجوده نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي، عمران خان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو ڪوڙو واعدو ڪيو،هن چيو ته انڊيا 25 سالن ۾ صحيح فيصلا ڪيا ۽ اسان غلط فيصلا ڪيا، اين ايف سي ايوارڊ ۾ توهان صوبن کي وڌيڪ فنڊ ڏئي ڇڏيا، 40 سيڪڙو مهانگائي سان توهان عوام جو خراب حشر ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڪهڙي سياسي جماعت عوام جي حقن جي ڳالهه پئي ڪري؟ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ڪرڻا آهن جيڪي سياستدان وڏي عرصي کان روڪيندا پيا اچن،مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ٽنهي سياسي جماعتن جي ناڪامي جو سبب اقتدار حاصل ڪرڻ آهي، سياستدانن جي ڪوشش هوندي آهي ته انهن جو ڊي پي او لڳي، فنڊ ملن، حڪمرانن کي احساس ئي ناهي ته عوام جي ڪهڙي حالت آهي، اڄ ملڪ ۾ نااميدي آهي، حڪمرانن ۾ اشرافيه شامل آهي، سياسي جماعتون پنهنجي نظرئي تان پٺتي هٽڻ سبب ناڪام ويون، عمران خان بوزدار جي صورت ۾ اسان کي تحفو ڏنو، هن چيو ته رياست جو عوام سان سوشل ڪانٽريڪٽ ڪنهن کڏي ۾ پيو آهي، اسان جي سڌارن ۾ سڀ کان پهرين وفاق کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، خرچ گهٽائڻا پوندا، ڇا انصاف جو نظام ڪم ڪري پيو، ڪنهن هڪ جماعت عدالتي سڌارن جي ڪوشش ڪئي آهي؟ ماڻهن کي انصاف نٿو ملي، هن ملڪ ۾ طاقتور جو راڄ آهي، هو ڀلي خون ڪري کيس ڪجهه به نه ٿيندو، هن ملڪ جي پگهاردار طبقي کي توهان رڳڙي ڇڏيو آهي، اسان جو تعليم، صحت تي ڪو به ڌيان ناهي، هن چيو ته توهان جا پاڙيسري ملڪ اڄ ڏسو ڪٿي وڃي پهتا آهن؟