شير افضل ۽ افنان الله جون هڪ ٻئي کي چماٽون

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ايڪسپريس ٽي وي چينل تي اينڪر جاويد چوڌري جي لائيو پروگرام ۾ هڪ سينيٽر ۽ عمران خان جي  وڪيل هڪ ٻئي کي چماٽون هڻي سڄائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ن ليگ اڳواڻ سينيٽر افنان الله کي پروگرام ۾ مدعو ڪيو ويو، افنان الله اصل ۾ مرحوم مشاهد الله جو فرزند آهي، ساڳي پروگرام ۾ عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت کي به گهرايو ويو هو،  پروگرام شير افضل مروت ڳالهائيندي مرحوم مشاهد الله بابت ڪو غير اخلاقي جملو چئي ڇڏيو ۽ آپي مان نڪري سينيٽر افنان الله کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي جنهن جي جواب ۾ افنان الله به شير افضل کي ڌڪو ڏئي ڪيرايو ۽ کيس چماٽون هڻي سڄائي ڇڏيو، ان دوران پروگرام روڪيو ويو، ان بعد سوشل ميڊيا تي بحث زورن تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.