ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي جهيڙو، فائرنگ، ٻارڙي مارجي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي جهيڙو، فائرنگ ۾ 3 سالن جي ٻارڙي مارجي وئي، سندس  ماءُ زخمي ٿي پئي، سرجاني ٽائون  جي علائقي گلشن نور ۾ فائرنگ واقعي ۾  3 سالن جي ٻارڙي مارجي وئي، مارجي ويل ٻارڙي  جنت جي عمر 3 سال آهي ۽ زخمي سندس ماءُ جي عمر 22 سال آهي، زخمي عورت جي ناني ايرڪ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو، منهنجي ڏوهٽي طلاق يافته آهي ۽ ان جي هڪ ڌيءَ به آهي، منهنجي ڏوهٽي جي عارف نالي شخص سان دوستي هئي، عارف ۽ منهنجي ڏوهٽي کي رات جو سندس ڀيڻووي مسعود ٻنهي کي گڏ ڏٺو ته  هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو، عارف ۽ مسعود ٻنهي  وٽ اسلحو هو ٻنهي هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي مسعود جي فائرنگ ۾ منھنجي ڏوهٽي زخمي ۽ سندس 3 سالن جي ڌيءَ جنت قتل ٿي وئي آهي، زخمي ٿيل عورت جو چوڻ آهي ته منهنجي پنهنجي ڀيڻوي سان دشمني هلي رهي آهي، شيخ مسعود ۽ منهنجي ڀاءُ فائرنگ ڪئي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.