رئوف صديقي خلاف غيرقانوني ڀرتين جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف سنڌ سمال انڊسٽري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر، عدالت  جوابدارن کي 29 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو،  احتساب عدالت ۾ نيب قانون ۾ ترميم رد ڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف سنڌ سمال انڊسٽري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ احتساب عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ ٻين جوابدارن کي 29 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، پراسڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدارن تي سنڌ سمال انڊسٽري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، واضح رهي ته احتساب عدالت رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيو ھو، نيب ترميم کي رد ڪرڻ کانپوءِ ريفرنس ٻيھر احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي لاء مقرر ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.