چين طرفان سي پيڪ ۾ نوان منصوبا شامل نه ڪرڻ جون خبرون بي بنياد قرار

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي منصوبابندي واري وزارت چيو آهي ته چين جي طرفان سي پيڪ ۾ نوان منصوبا شامل نه ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن، وفاقي منصوبابندي واري وزارت طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جو دائرو مختلف شعبن ۾ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن، سي پيڪ جي ڪري پاڪستان جي انفرااسٽرڪچر، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام بهتري آئي آهي، مختلف شعيبن ۾ جدت آئي آهي ۽ ان جي صلاحيت ۾ به اضافو ٿيو آهي، منصوبابندي واري وزارت موجب ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سامونڊي علائقن ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبا تڪميل جي مرحلن ۾ آهن، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سامونڊي علائقي ۾ سي پيڪ جي تحت نون منصوبن جي شموليت تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.