اسرائيل سان لاڳاپن بابت ڪنهن جي تقليد بدران پنهنجا مفاد ڏسنداسين: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(م ڊ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين بابت پاڪستان جو موقف اڄ به ساڳيو آهي  ۽ مستقبل ۾ به ساڳيو ئي هوندو.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته فلسطين جو مسئلو اتي جي عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، هو ڪنهن به فيصلي ۾ قومي مفاد کي اوليت ڏيندا آهن. اسرائيل سان واسطو رکندڙ ڪنهن جي به تقليد نه ڪندو پر پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو، ڪشمير ۽ فلسطين بابت پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.