نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڪستان جو گرين هائوس گيس خارج ڪندڙ مُلڪن ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان باوجود هو 15 ڀيرا وڌيڪ موسمياتي تبديلين سبب ايندڙ آفتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس ماحولياتي تبديلين ۾ گهٽ حصو هئڻ باوجود سڀ کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪندڙ پاڪستان کي ” موسمياتي انصاف لاءِ لٽمس ٽيسٽ “ قرار ڏنو.
انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ اسان جي دقيانوسي ۽ غير منصفاڻي عالمي مالياتي نظام جو شڪار آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ مالي امداد جو رڳو 69 سيڪڙو هدف حاصل ڪري سگهياسين، هن عالمي طاقتن کان پاڪستان لاءِ اعلانيل امداد ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.