پاڪستان ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي رڪارڊ پرفارمنس جو سلسلو جاري آهي، پاڪستاني ڪرنسي سيپٽمبر ۾ هيل تائين دنيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪرنسي بڻجي وئي.
رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي وڌندڙ قدر کي بريڪ لڳائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششون ڪم اچي ويون، هر گذرندڙ ڏينهن سان ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ان جو واضح ثبوت آهي.
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل 17هين ڏينهن واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڪرنسي سيپٽمبر ۾ دنيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪرنسي جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو هڪ پئسو سستو ٿيڻ کانپوءِ 287 رپين 74 پئسن جو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 4 رپيا 2 پئسا، جڏهن ته هلندڙ مهيني ۾ 17 رپيا 80 پئسا سستو ٿيو آهي.
هونئن ته سال دوران مجموعي طور تي رپئي جي قدر ۾ 21 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي ٿي، هلندڙ مالي سال ۾ رپئي جي قدر ۾ 0.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي پر سيپٽمبر مهيني ۾ رپئي جي قدر ۾ 6 سيڪڙو کان وڌيڪ جي واڌ ڏٺي وئي.
You might also like