حيدرآباد دکن ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ ڪهڙا کاڌا تيار ٿيندا؟ مينيو سامهون اچي ويو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ حيدرآباد ۾ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي کاڌي جو مينيو سامهون آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، پاڪستاني اسڪواڊ سميت تمام ٽيمن لاءِ گوشت دستياب نه هوندو، پاڪستاني ٽيم جي مينيو ۾ چانپي، مٽن ڪڙهائي، بٽر چڪن ۽ گرلڊ فش شامل آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪساني دستي جي مينيو ۾ حيدرآباد جي مشهور برياني جڏهن ته روزانو بنياد تي پروٽين وارن کاڌن ۾ مٽن چڪن ۽ مڇي شامل هوندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، پاڪستاني ٽيم اسٽيڊيم اتنظاميا سان باسمتي چانور، بولو گنيز ساس سان گڏ اسپيگٽيز ۽ سبزي پلاءُ جي فرمائش ڪئي.

ياد رهي ته پاڪستان ٽيم حيدرآباد ۾ اٽڪل ٻن هفتن تائين ترسندي جنهن بعد 14 آڪٽوبر تي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل يعني پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ احمد آباد جو رُخ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.