ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽرييليا کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي ۽ ڪينگروز جو اهم اسپنر انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، اسپنر ايشٽن آفر کڙي جي انجري مان صحتياب ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب سندس عالمي ڪپ مان آئوٽ ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ايشٽن اگر ڏکڻ آفريڪي جا دوري دوران انجري جو شڪار ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي تنوير سنگها کي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو .
آسٽريلوي ٽيم عالمي ڪپ لاءِ ابتدائي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آسٽريلوي ٽيم جي قيادت فاسٽ بالر پيٽ ڪنمنز ڪندو، جڏهن ته ابتدائي اسڪواڊ ۾ ايشٽن اگر جو نالو پڻ شامل آهي.