ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ايندڙ هفتي شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ افغان ٽيم ۾ شامل نوجوان فاسٽ بالر هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٻن ورهين کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ چويهه ورهين جي افغان فاسٽ بالر نوين الحق ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو .
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نوين الحق لکيو ته پنهنجي مُلڪ جي نمائندگي ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي پر هو عالمي ڪپ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو.
View this post on Instagram
نوجوان فاسٽ بالر چيو ته اِهو ڏاڍو ڏکيو فيصلو آهي پر پنهنجي ڪيريئر کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اِهڙو فيصلو ڪرڻو پيو.
فاسٽ بالر افغان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته هو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ افغان ٽيم لاءِ دستياب هوندو.
واضح رهي ته نوين الحق عالمي ڪرڪيٽ کانسواءِ دنيا ۾ ٿيندڙ مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگز پڻ کيڏندو آهي، جنهن پاڪستان سپر ليگ، آءِ پي ايل، بِگ بيش، لنڪا پريميئر ليگ ۽ آءِ پي يل شامل آهي.