ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي ڏهين جماعت جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي ڏهين جماعت جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو، بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي جي آفيشل ويب سائيٽ تي نتيجا ڏسي سگهجن ٿا، امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح 86.30 سيڪڙو رهيو.
ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ پهرين پوزيشن شهيرا فاطمه، ٻي پوزيشن ربيسا علي، جڏهن ته ٽين پوزيشن محمد عمر اقبال انصاري حاصل ڪئي.
ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ اي ون گريڊ کڻندڙ شاگردن جو انگ 33 هزار 967 رهيو، 45080 شاگردن اي، 34250 شاگردن بي، 18033 شاگردن سي، 3037 شاگردن ڊي ۽ 16 شاگردن اِي گريڊ حاصل ڪيو.
ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ ڪُل هڪ لک 56 هزار 68 شاگردن امتحاني فارم جمع ڪرايا، جن مان 156022 اميدوار امتحان ۾ شريڪ ٿيا ۽ هڪ لک 34 هزار 646 شاگردن مجموعي طور تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
You might also like