ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريڪي ٽيم جو ڪپتان اوچتو وطن واپس موٽي ويو

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٽيمبا باوواما وطن واپس روانو ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ڏکڻ آفريڪي ڪپتان گهرو معاملن سبب وطن واپس وڃي رهيو آهي، هو ورلڊ ڪپ جي وارم اَپ ميچن ۾ حصو نه وٺندو.

ڏکڻ آفريڪا جون افغانستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف وارم اَپ ميچز شيڊيون آهن جنهن ۾ ايڊن مارڪرم ٽيم جي قيادت ڪندو.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم هلندڙ هفتي عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت پهتي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.