سپريم ڪورٽ جو سرڪاري آفيسرن لاءِ وڏو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڌاڙيل ۽ رياست ۾ ڪو ته فرق هجڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ ۾ زمين جي معاوضي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ۽ سرڪاري آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس اطهر من الله چيو عدالت هڪ سال اڳ حڪم جاري ڪيو هو، هڪ سال کانپوءِ ٻڌايو پيو وڃي ته معاضي جي ادائيگي جو عمل جاري آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ۽ توهان کي عوام جي کيسن مان پگهار ملندي آهي، اسان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ڌاڙيلن ۽ رياست ۾ ڪو ته فرق هجڻ گهرجي، عدالتن سان شفاف رويو هجڻ گهرجي ۽ انصاف جي نظام سان مذاق جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ چيو ته 17 نومبر 2022 ۾ عدالت حڪم جاري ڪيو، پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته هڪ ڌار درخواست داخل ڪئي وئي آهي، پنجاب حڪومت بشيران بي بي جي زمين جي ملڪيت کي تسليم ڪيو، بشيران بي بي جي زمين تي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس جي تعمير بابت ملڪيت به تسليم ڪئي وئي، 26 مارچ 1990 کان معاوضي جي ادائيگي جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت چيو سوال اهو هو ته ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس جي تعمير تي بشيران بي بي کي ڪيترو معاوضو ڏنو ويندو، جڏهن حڪومت ڪنهن فرد جي ملڪيت تسليم ڪري ته سمجهه کان مٿي آهي معاوضو ڇو نه ڏنو ويو؟ لاهور مان ڪجهه آفيسرن کي سپريم ڪورٽ موڪليو ويو ته اسان کي ميمبر صاحب موڪليو آهي، اسان سوال ڪيو ڇو آيا آهيو؟ جواب نه ڏنو ويو، سرڪاري ملازمن جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، ميمبر جي نالي سان صاحب جو لفظ استعمال ڪرڻ مائينڊ سيٽ کي ظاهر ڪري ٿو، آفيسن ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ صاحب جو لفظ حڪمراني کي ظاهر ڪري ٿو، آئين ۾ اهڙي ڪا شق موجود ناهي.
سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ صاحب جي لفظ جو استعمال روڪندي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين بشيران بي بي کي معاوضو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.