سريلنڪن ڪرڪيٽر لڄالٽ ڪيس ۾ الزام ثابت نه ٿيڻ تي آجو قرار

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن ڪرڪيٽر گونا ٿيلاڪا کي ريپ ڪيس ۾ آجو قرار ڏنو ويو .

آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪرڪيٽر جي ريپ ڪيس جي ٻڌڻي سڊني جي عدالت ۾ ٿي ۽ عدالت ڪرڪيٽر کي ريپ ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ الزام ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

ريپ ڪيس جي حوالي سان شڪايت ڪندڙ جوڳا ثبوت پيش نه ڪري سگهي، ڪيس ۾ بنا راضپي جنسي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو الزام ۾ ثابت نه ٿي سگهيو.

سريلنڪن ڪرڪيٽر کي عدالت پوليس جي جاچ دوران سچو قرار ڏيندي چيو ته شڪايت ڪندڙ ڄاڻي واڻي ڪوڙي شاهدي ڏني جنهن لاءِ کيس متحرڪ ڪيو ويو.

ياد رهي ته دانشڪا گوناٿيلاڪا کي گذريل سال نومبر ۾ ريپ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، دانشڪا سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود هو، مٿس ريپ ڪيس ۾ چار مختلف الزام مڙهيا ويا هئا.

عدالت ڪرڪيٽ مٿان مڙهيل ٽي الزام پهريان ئي ختم ڪري چڪي هئي هاڻ کيس آخري الزام مان به آجو قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.