ڊيل اسٽين ورلڊ ڪپ فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي اسپيڊ اسٽار ڊيل اسٽين عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي فائنلسٽ ٽيمن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڀارت ۾ رٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ايندڙ هفتي شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان سميت تمام ٽيمون ڀارت پهچي چڪيون آهن.

ورلڊ ڪپ کان اڳ مختلف اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ راندين تي نظر رکندڙ صحافين طرفان پنهنجي فيورٽ ٽيمن جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن ۽ گهڻي قدر رانديگرن پاڪستان کي پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن ۾ شامل ڪيو آهي.

اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز  ۽ هاشم آملا به پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي هئي.

هاڻي ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي فائنلسٽ ٽيمن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڊيل اسٽين اسٽار اسپورٽس سان ڳالهائيندي چيو ته اِهو ڏکيو فيصلو آهي پر منهنجي دل چوي ٿي ته ڏکڻ آفريڪا فائنل ۾ ويندي، ڇو ته سمورا  پروٽيز ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل کيڏندا آهن.

هن وڌيڪ چيوته ڏکڻ آفريڪا وٽ ڊيوڊ ملر ۽ هنرڪ ڪلاسن جهڙا بيٽرز آهن، ان کانسواءِ پروٽيز وٽ ڪاگيسو رباڊا جهڙا بالر آهن جيڪي ڀارت ۾ باقاعدگصي سان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن پر ان باوجود ڏکڻ آفريڪي اسيپڊ گن پروٽيز ٽيم جي حمايت واري معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.