ايپل اسٽور ۾ ڦرلٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

آمريڪي رياست پينسلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا جي سينٽر سٽي ۾ هڪ ايپل اسٽور ۾ ڦر جي واردات ٿي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فلاڊيلفيا ۾ ايپل اسٽور ۾ ڦرلٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جوابدار چوري جو سامان پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ڀرڻ ۾ مصروف آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڦر ۾ ملوث جوابدارن اسٽور جي سيڪيورٽي گارڊ تي بدترين تشدد ڪيو ۽ هوائي فائرنگ به ڪئي.

پوليس موجب شڪ جي بنياد تي 20 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان ڪجهه موبائل فونز ۽ ٻيون شيون به هٿ ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.